السلام عليڪم
بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ ۔
الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو تہ :
وَاعْتَصِمُوْا بِحَبْلِ اللّٰهِ جَمِیْعًا وَّلَا تَفَرَّقُوْا ۪— وَاذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَیْكُمْ اِذْ كُنْتُمْ اَعْدَآءً فَاَلَّفَ بَیْنَ قُلُوْبِكُمْ فَاَصْبَحْتُمْ بِنِعْمَتِهٖۤ اِخْوَانًا ۚ— وَكُنْتُمْ عَلٰی شَفَا حُفْرَةٍ مِّنَ النَّارِ فَاَنْقَذَكُمْ مِّنْهَا ؕ— كَذٰلِكَ یُبَیِّنُ اللّٰهُ لَكُمْ اٰیٰتِهٖ لَعَلَّكُمْ تَهْتَدُوْنَ ۟
ترجمو : الله تعالیٰ جئ رسئ کي سڀ ملي ڪري مضبوطئ سان جهليو (1) ۽ جدا جدا نہ ٿيو (2) ، ۽ الله تعالیٰ جي ان وقت جي نعمت کي یاد ڪريو جڏهن توهان هڪ ٻئي جا دشمن هئا ، تڏهن ان (الله تعالي) توهان جي دلين ۾ محبت (الفت) وجهي ڇڏي ، بس توهان ان (الله تعالي) جي مهربانئ سان پاڻ ۾ ڀاء ڀاء ٿي ويا ، ۽ توهان باھ جي کڏ جي ڪناري تائين پهچي چڪا ھئا تہ ان (الله تعالي) توهان کي بچائي ڇڏيو ۔ اللہ تعالیٰ اهڙئ طرح توهان لاء پنهنجون نشانیون بیان ڪندو آهي تہ من ! اوهان هدایت (سڌو رستو ) وٺو .
(1)
تقویٰ جي معني آهي الله تعالي جو خوف , ڊپ ۽ پرهيزگاري ” الله تعالیٰ جئ رسئ کي سڀ ملي ڪري مضبوطئ سان جهلڻ “ جو سبق ڏئي واضح ڪري ڇڏيو تہ ڪاميابئ ۽ نجات ۽ اتحاد بہ انهن ٻن اصولن تي قائم ٿي ۽ رهي سگهي ٿو ۔
(2)
(۽ جدا جدا نه ٿيو ) جي ذریعي ٽٽڻ , ڇڙو ڇڙ ۽ فرقہ بندئ کان روڪيو ويو آهي ۔ ان جو مطلب آهي تہ جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل ٻن اصولن کان توهان منهن موڙيندئو تہ اوهان جي وچ ۾ ڦوٽ پئجي ويندي ۽ توهان الڳ الڳ گروپن ۽ فرقن ۾ ورهائجي ۽ تقسيم ٿي ويندئو ۽ ۽ جيڪڏهن توهان مان ڦوڪڻي وانگر اتحاد جي هوا نڪري وئي ته ٻيون قومون اوهان تي ائينء ٽٽي پونديون ۽ حملا ڪنديون جيئن بکيو بگهڙ ولر کي نيست ۽ نابود ۽ ختم ڪري ڇڏيندو آهي ۔
پوري ناريجا برادرئ ۾ شامل ڀائرو , دوستو ۽ بزرگو !
السَّلامُ عَلَيْڪم ورَحْمَةُ اللهِ وَبَرَڪاتُهُ
!
اڄ جتي دنيا ترقين جي اوج تي پهچي چڪي آھي اتي ھر سطح تي دشمني به تمام
گھڻي وڌي ۽ عام ٿي وئي آھي ۔ مثال طور جيڪڏهن اسان ڳوٺ ۾ رھون ٿا ته رشتيدارن ۾ دشمني ، ڳوٺ وارن ۾ پاڻ ۾ دشمني، وڏيري ۽ سردار جي دشمني ، پوليس واري جي دشمني ، دوستن جي دشمني ، ڌاڙيلن جي دشمني ، ذات پات جي دشمني ۽ جڏھن نوڪرئ ۾ وڃون ٿا ته اتي به عھدي جي دشمني ، زبان جي دشمني ، قوميت جي دشمني وري جيڪڏهن اسين ملڪ کان ٻاھر وڃون ته نيشنلٽئ جي دشمني. انهن سڀني شين کي مد نظر رکندي ۽ ڏسندي سنو جو اصل وجود ۾ اچڻ جو سبب ته جيئن ناريجا برادري ۾ ٻڌي , اتحاد , اتفاق ۽ ايڪتا کي وڌايو وڃي جھڙئ طرح ميمڻ ، خواجه ۽ ٻيون کوڙ ساريون تنظيمون وغيره ۽ ويلفيئر جا ادارا آهن۔ جيڪي پنهنجئ برادرئ جي مستحق ۽ ضرورتمند ماڻھن جي مدد ڪندا آهن تيئن اسان به پنهنجئ ناريجا برادرئ جي مدد وس آهر قانون جي دائري ۾ رهي ڪري سگهون ۔ ھئ ويب سائيٽ انهن تمام مسئلن جي حل ۾ هڪ ڏاڪڻ جو ڪردار ادا ڪندي ڇو تہ توھان ڪير به آھيو ۽ ڪٿان جا به آھيو توھان کي ھڪ پليٽ فارم اڻ ملهائتو ۽ انمول تحفو ۽ نعمت خدا وندئ طور ملي چڪو آهي هاڻي اهو توهان تي منحصر آهي ته هن اداري مان پاڻ به فائدو وٺو ۽ ٻين کي پڻ فائدو پهچايو۔ هئ ادارو ۽ ويب سائيٽ توھان جو آواز آھي جنھن تي اوھان پنھنجي خيالن جو اظهار ڪري سگھو ٿا ۽ محبت ۽ پيار جو پيغام ڏئي سگھو ٿا ۽ بهترين صلاحون ۽مشورا ڏئي ۽ وٺي , ڏس ۽ پڙهي ۽ مڪمل تفصيل حاصل ڪري سگھو ٿا۔
الله پاڪ اسان کي اڃا وڌيڪ سنو ۽ ناريجا برادرئ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ته جيئن سنو جي هن نوجوان ٿيل 18 سالن جي وڻ کي اسان سرسبز , شاداب , پائيدار ۽ خوشحال بڻائي سگهون جنهن جو ڦل ۽ ميوو اسان ۽ اسان جو ايندڙ نسل کائي , جنهن سان پوري ناريجا برادري فيضياب ٿئي ۽ ناريجا برادري , سنڌ امڙ ۽ وطن عزيز پياري پاڪستان جو نالو روشن ٿئي ۔ مھرباني.
2 Comments
Every challenge is an opportunity to learn and grow."
ReplyDeleteUnity develop strength which way forward prosperity.
ReplyDelete