*ناريجا برادري جا مسئلا ۽ انھن ۾ احساس محرومي ۽ سنو جو ڪردار - تجزيو چيئرمين سنو*
اڄ ڪلھ سوشل ميڊيا ۽ گڏجاڻين ۾ ناريجا برادري طرفان اھو بحث عام جام ھلي رھيو آھي ته ناريجا برادري سياسي ۽ سماجي طور اڪيلو ڪري سندن سان زيادتيون ڪيون وڃن ٿيون جنھنڪري ناريجا برادري کي احساس محرومي ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪيو ويو آھي اچو ته انجو جائزو وٺون .
سياسي ڪمزوريون
ناريجا برادري سنڌ جي تمام وڏين برادرين ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ تقريبن 7 کان 8 لک ووٽ آھن پر بدقسمتي سان سياسي پارٽين جي چالبازين ۽ ناريجا برادري جي ناقص حڪمت عملي ھجڻ ڪري سياسي پارٽين ۾ نڪي اھم عھدا, MPA, MNA يا وزير ۽ مشير جون اھم زميواريون وٺڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آھي جنھنڪري سياسي مشڪلاتن جو شڪار آھي ان ۾ خاص طور تي چند مفاد پرست شخصيتين پنھنجي ذاتي مفادن خاطر جلد بازي ۾ ناريجا برادري کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سوا۽ سياسي فيصلا ڪري ناريجا برادري جي انفرادي مفادن کي ڪاپاري نقصان پھچايو آھي ۽ جنھنڪري سياسي چالبازن پنھنجي اٽڪلن سان ناريجن کي پاڻ ۾ ويڙھائي ۽ نفاق پيدا ڪري سياسي يتيم ڪري ڇڏيو آھي ۽ ناريجا برداري جي پيسن ۽ ٻين وسائيلن تي قابض ٿي سياست ۽ عيش ڪري رھيا آھن ۽ ناريجا برادري ھش ۾ خوش آھي جيڪو تمام ھڪ افسوسناڪ عمل آھي.
ناريجا برادري جي وڏين شخصيتن جي لاتعلقي
اھا ھڪ افسوسناڪ حقيقت آھي ته ناريجو وڏو ماڻھو جيئن آفيسر, وڏيرو, ڊاڪٽر, ,انجينئر, وڪيل, واپاري ۽ ٻيون اھم ناريجا شخصيتون جامح ناريجا برداري جي فلاح لا۽ پري آھن ۽ ناريجا برداري کي پنھنجو ڪرڻ لا۽ تيار ناھن جنھنڪري ناريجا برادري ٻين جي درن تي ڀٽڪي ڀوتارن جي جادوگري جي ور چڙھي رھي آھي جنھنڪري ناريجا برادري اندر پنھنجن وڏين شخصيتن لا۽ تاثر ڪو خاص ناھي۽ انھن کي نفرت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو.
حسد, ساڙ, نفاق ۽ اندورني جھڳڙا
ناريجا برداري اندر ھڪ عنصر پاڻ۾ حسد ۽ ساڙ پڻ آھي جنھنڪري ھڪ ٻئي کي ڪنھن ن ڪنھن طريقي سان نقصان پھچايو وڃي ٿو جنھن سان اندروني جھيڙا ٿين ٿا ۽ پاڻ ۾ نفاق رھي ٿو جنھنجو ھڪ وڏو نقصان ناريجا برادري کي جامع طور ٿئي ٿو. سوشل ميڊيا تي بغير ڪنھن ثبوت يا منطق جي شريف ماڻھن جي ڪردار ڪشي ۽ الزام تراشي ڪري ذھني تڪسين وٺڻ لا۽ غير ذميوارنا رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو جنھن سان پڻ ناريجا برادري جو ئي نقصان ٿي رھيو آھي.
سماجي ڪمزوري
ناريجا ھڪ بھادر برادري آھي جنھنجي ھڪ شاندار تاريخ آھي وطن عزيز لا۽ انگريزن ۽ ٻين سامراجن سان لڙي ڪري قربانيون ڏئي ويساھ ڏنو آھي پر ڪجھ ڌارين عناصرن ۽ ناريجا برادري جي ڪجھ غير زميوار شخصن جي ڪجھ عملن جي ڪري پوري ناريجا برادري جي لا۽ سوچي سمجھي سازشون ڪري سماجي طور ڪمزور ڪيو ويو آھي ۽ قبائيلي جھيڙن ۾ داخل ڪري شديد نقصان پھچايو آھي. درحقيقت ناريجا برادري ھڪ فرض شناس ۽ وفادار برادري آھي.
ڪمزور سوچ ۽ تعليم
ناريجا برادري ماضي ۾ تعليم تي گھٽ توجھ ڏيڻ ڪري ذھني طور تي روشن سوچ جي فقدان ڪري ترقي کان پري آھي ۽ انڪري ناريجا برادري جي جامع ترقي کان ڪن لاٽار آھي ۽ ڇڙوڇڙ جو شڪار آھي. انڪري سياسي ڀوتارن, ميرن ۽ پيرن وٽ يرغمال ۽ غلام آھي.
اھڙي ريت ڪافي ٻيا ب ننڍا وڏا ڪافي مسئلا آھن.
نيٺ ڇا ڪجي؟
ناريجا برادري جا بنيادي مسئلا آھن روزگار, تعليم, صحت, امن, ترقياتي ڪم, پوليس جو آزار. وغيرھ.
ناريجا برادري جي لا۽ خوشقسمتي آھي جو ان وٽ
*ســـــــنــــــــڌ نـــاريـــجـــا ويــلـفيـــئـــر آرگنـائيزيشن (سنو)* جھڙو مظبوط پليٽفارم موجود آھي جنھن ذريعي پنھـجا سڀ مسئلا آرام ۽ خوش اصلوبي سان حل ڪري سگھجن ٿا ان لا۽ ھيٺ ڪجھ تجويزون ڏجن ٿيون:
1. ناريجا برادري کي سڀ کان پھريائين پاڻ ۾ سڀ اختلاف ختم ڪري ٻڌي ۽ اتحاد ڪرڻ گھرجي ۽ پاڻ ۾ مشاورت ڪري فيصلا ڪرڻ گھرجن.
2. سياست ھڪ مشڪل فيلڊ آھي ان جا سياسي فيصلا جامع صلاح ۽ مشوري سان ڪرڻ گھرجن. ھن وقت ناريجا برادري کي سياسي پارٽين سان ن ڦٽائڻ گھرجي جيڪو جنھن ب پارٽي سان وابسطا آھي ان سان رھڻ گھرجي. باقي سنو پنھنجي ليڊرشپ تيار ڪري رھي آھي جيڪا ناريجا برادري جي مشاورت سان سياسي پارٽين سان ڳالھائي ناريجا برداري جي سياسي احساس محرومي ختم ڪري سگھجي ٿي.
3. ناريجا برادري کي تعليم طرف وڌڻ گھرجي ۽ سنو جي محنت سان ھن وقت ناريجا برادري ۾ واضح تبديلي اچي چڪي آھي وڌيڪ نوجوانن کي سنو جي يوٿ فورم سان رابطو ڪرڻ گھرجي اميد ڪجي ٿي ايندڙ سالن ۾ ڪافي نوجوان روزگار سان گڏ آفيسر پڻ ٿي ويندا.
4. سنو صحت تي ڪافي ڪم ڪري رھي آھي وڌيڪ ناريجا برادري جي ڊاڪٽرن کي گذارش ڪجي ٿي ته مھرباني ڪري سنو ڊاڪٽرس فورم جو حصو بڻجي ناريجا برادري جي صحت جي ڪمن ڪارين ۾ مدد ڪئي وڃي.
5. ناريجا برادري سان پوليس جو وڏو آزار آھي ان لا۽ ناريجا برادري جا وڪيل سنو ايڊووڪيٽ فورم جو حصو بڻجي ناريجا برادري لا۽ شاندار خدمت ڪري سگھجي ٿي.
6. ناريجابرادري جي وڏن ماڻھن جيئن آفيسرن, وڏيرن, ڊاڪٽرن, ,انجينئرن, وڪين, واپارين ۽ ٻين اھم ناريجا شخصيتين کي جامح ناريجا برداري جي فلاح لا۽ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
7. ناريجا برادري کي پنھجن علائقن جي ٻين برادري سان سٺا تعلقات رکڻا پوندا ۽ انھن جي سماجي ڪمن ۾ پڻ مدد ڪرڻي پوندي.
*ناريجا برادري جي انھن سڀني مسئلن جو واحد حل سنو آھي ۽ سنو جي مظبوطي ناريجا برادري جي مظبوطي آھي ان لا۽ ناريجا برادري کي سنو کي مظبوط ڪرڻو پوندو.*
الله رب العزت کان دعا آهي ته اللّه پاڪ اسان سڀني تي رحم فرمائي ۽ اسان کي توفيق عطا فرمائي ته جيئن اسان ڪنھن انسان جي مدد ڪري سگھون۔ آمين ثم آمين يا رب العٰالمین۔
0 Comments